آئينه قديم سنڌ

آئينه قديم سنڌ (ڪتاب ):ھي ڪتاب شمس الدين رڪن الدين قريشيءَ جو لکيل آھي. ھيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو ھڪ ناياب ڪتاب آھي، جنھن ۾ پھريون ڀيرو ’نيرون ڪوٽ‘ کي ’نئن رني ڪوٽ‘ ڄاڻايو ويو آھي ۽ ان جي حيدرآباد سان نسبت غلط ڄاڻائي وئي آھي. ھن ڊيمي سائيز جي ڪتاب جو ڪچو جلد آھي، جنھن ۾ 279 صفحا آھن ، ڇاپو پھريون، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادس، حيدرآباد، 1956ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ اُن جو ٻيو ڇاپو به ڇپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو